سيد عبدالله شاهه اصحابيءَ جي درگاهه جو ڏيک

سيد عبدالله شاهه اصحابيءَ جي درگاهه جو ڏيک

سيد عبدالله شاهه اصحابي

سيد عبدالله شاهه اصحابي: سنڌ جي هن ڪامل بزرگ جو اصل نالو عبدالله شاهه حسني هو، سندس مزار مڪليءَ جي قبرستان، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. سندن سلسله نسب حضرت عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو. مؤرخن جي راءِ سان هن اويسي طريقي سان نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي زيارت ڪئي هئي، جنهنڪري کين ’اصحابي‘ سڏبو آهي. هي بزرگ سنڌ ۾ مرزا شاهه بيگ ارغون جي حڪومتي دور ۾ آيو ۽ ساڻس گڏ سيد منبهه، سيد ڪمال ۽ سيد جمال به آيا. پاڻ گهڻو وقت گوشي نشينيءَ ۾ گذاريائين، جنهنڪري ماڻهن کان پري رهڻ لاءِ مڪليءَ کي پنهنجو آستانو بڻايائين.
سيد عبدالله شاهه اصحابي زندگيءَ جو گهڻو وقت ياد الاهي ۽ عبادت الاهيءَ ۾ صرف ڪرڻ لاءِ ئي گوشه نشيني اختيار ڪئي. عبادت الاهيءَ جي ذوق ۽ شوق سبب شادي به نه ڪيائين ۽ مجردانه زندگي بسر ڪيائين. زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين مڪليءَ تي ئي رهيو.
مؤرخن جا سندس وفات جي تاريخ بابت اختلاف آهن، پر عبدالله شاهه اصحابيءَ جي مزار ڀرسان هڪ پراڻي مسجد آهي، جنهن تي 1682ع جو سن لکيل آهي، ان ڪري اڪثر تذڪري نگارن جو خيال آهي ته سندن وفات 17 صفر 1093هه بمطابق 15 فبروري 1682ع تي ٿي هئي. تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي ته: ”ڪافي سال گذري وڃڻ ڪري شروع ۾ سندن مدفن واري جاءِ ختم ٿيڻ کي وڃي پهتي هئي ته هڪ بزرگ حافظ الله گجراتيءَ کي غوث اعظم عبدالقادر جيلانيءَ طرفان باطني حڪم ٿيو ته ٺٽي پهچي سيد عبدالله شاهه جي مزار کي ظاهر ڪري ۽ ان جي مرمت وغيره ڪرائي. انهيءَ ڪري شاهه حافظ الله گجراتي پنهنجي ٻن مريدن شيخ محمد يعقوب ۽ خليفي ابو البرڪات کي ساڻ وٺي ٺٽي آيو ۽ ٺٽي ۾ موجود هڪ بزرگ سيد علي ثاني شيرازيءَ کي غوث صاحب جو حڪم ٻڌايائين ۽ ان حڪم جي پيروي ڪيائين. ان کانپوءِ 1931ع ۾ هن بزرگ جي مقبري کي جديد بنيادن تي جوڙيو ويو. هاڻي انهيءَ مقبري تي وڌيڪ ڪم پڻ ٿيو آهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1682.02.15  عيسوي

عبدالله شاهه اصحابيءَ جي مزار ڀرسان هڪ پراڻي مسجد آهي، جنهن تي 1682ع جو سن لکيل آهي، ان ڪري اڪثر تذڪري نگارن جو خيال آهي ته سندن وفات 17 صفر 1093هه بمطابق 15 فبروري 1682ع تي ٿي هئي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن بن جابر رحه
سيرين رضه
حاجي عبدالرحيم لغاري
عقيل بن ابي طالب رضه
ذڪريا شاهه
امام زين العابدين عليه السلام
حاجي شير محمد شاهه مهاجر مدني
حسني قادري بچل شاهه جيلاني
خوات بن جبير ؓ
عثمان غني رضه
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون